اسلام آباد:اڳوڻي وفاقي گهرو وزير ۽ پ پ سينيٽر رحمان ملڪ چيو آهي ته ايم ڪيو ايم ڪنهن به گڏجاڻي ۾ کيس را جي حوالي سان بريفنگ نه ڏني هئي، هڪ خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي رحمان ملڪ چيو ته سندس وزارت جي دور ۾ ايم ڪيو ايم سان جيڪي به گڏجاڻيون ۽ ملاقاتون ٿيون، انهن ۾ کيس را جي حوالي سان ڪنهن به قسم جي بريفنبگ نه ڏني وئي، هن چيو ته کيس گهرو وزير هجڻ دوران را سان ايم ڪيو ايم جي لاڳاپن جي حوالي سان ڪنهن به قسم جي ڪا خبر نه ملي هئي، رحمان ملڪ چيو ته لڳي ٿو ته هن مصطفيٰ ڪمال کي جيڪو جواب ڏنو هو، اهو کيس سمجهه ۾ اچي ويو آهي.

Regards:- sindhi news